اداڪارا زينب جميل به مذهب خاطر شوبز کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪراچي : ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل زينب جميل به اسلام خاطر شوبز ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
31 ورهين جي زينب جميل شوبز ڇڏڻ جو اعلان فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام ذريعي ڪيو.
پنهنجي پوسٽ ۾ هن لکيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته ماڊل ۽ اداڪارا طور پنهنجو ڪيريئر جاري نٿي رکڻ چاهيان، الحمدالله.
سندس موجب الله پاڪ مون کي قرآن ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي ۽ هاڻ مان دين لاءِ وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪنديس.
واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪارا انعم ملڪ به مذهب خاطر ماڊلنگ جي دنيا کي الوداع ڪري چڪي آهي.