اسلام آباد: موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
مري ۾ اڄ ۽ سڀاڻي کان برفباري جو امڪان آهي. گليات ۾ به برفباري جو امڪان آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانواله، سيالڪوٽ ۽ پشاور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪڪر وسندا.
موسميات کاتي موجب مغربي هوائون مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ سبب اڄ ۽ سڀاڻي کان برسات پوندي. برساتن جو سلسلو اربع جي صبح تائين جاري رهي سگهي ٿو.
خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي ايم اي صلعي انتظاميه کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام اباد ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.