ڀارتي اداڪار نيتو سنگھه ۽ ورون ڌون ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

ممبئي: ڀارتي اداڪار نيتو سنگھه ۽ ورون ڌون ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ٻنهي ڄڻن جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي. ٻئي اداڪار ڀارتي هدايتڪار راج مهتا جي فلم “جُگ جُگ جيو” جي شوٽنگ ۾ شريڪ هئا، جتي سندن ٽيسٽ پازيٽو آئي. ان فلم ۾ انيل ڪپور ۽ ڪيارا ايڊواني به ڪم ڪري رهيا آهن پر انهن ٻنهي جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. فلم جي شوٽنگ هاڻي ٻنهي اداڪارن جي صحتمند ٿيڻ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.