پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٻي لهر،سياسي جلسن تي پابندي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور: ڪورونا جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي سياسي جلسن تي پابندي ۽ ٻين حفاظتي قدمن جي لاءِ لاهو هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

جوڊيشل ايڪٽو ازم پينل جي سربراهه اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر تي  گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪورونا جي شديد پکيڙ سبب اسپتالن ۾ بستر گهٽ پئجي رهيا آهن.

عالمي وائرس سبب بچاءُ جي لاءِ جلسن، جلوسن ۽ ٻين اجتماعن تي پابندي لڳائڻ وقت جي ضرورت آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته اسپتالن ۾ فارميسيز کي 24 ڪلاڪ کليل رکيل ويندو. سينئر پروفيسر جي رات جي وقت ۾ ڪورونا وارڊ ۾ موجودگي يقيني بنايو وڃي.

وارثن کي مريض جي حالت جي باري ۾ آگاهه ڪيو وڃي ۽ وڊيو ڪالز جي سهوليت به يقيني بنائي وڃي.واضح رهي ته اپوزيشن اتحاد(پي ڊي ايم) 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ جلسي جو اعلان ڪري رکيو آهي. جڏهن ته حڪومت جو موقف آهي ته اپوزيشن جي جلسن سان ڪورونا پکڙجي رهيو آهي.