وزير اعظم عمران خان پاران آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو

اسلام آباد : وزير اعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو.  دوري دوران چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ رٿابندي وارو وزير اسد عمر به وزير اعظم سان گڏ هئا. آءِ ايس پي آر موجب وزير اعظم عمران خان ۽ عسڪري قيادت کي ملڪ جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم پاران چيلينجز کي منهن ڏيڻ تي هٿياربند فوج جي سربراهن جي واکاڻ ڪئي.