حيدرآباد: ھوسڙي ڀرسان تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري چينل واهه ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
اهڙي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري جڳھ تي پهچي ڪار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، ريسڪيو ذريعن موجب اطلاع مليو ته ٻڏي ويل ڪار ۾ ٻه ٻار ۽ ھڪ نوجوان سوار ھئا، مليل شاھدين موجب گاڏي ۾ ٽوٽل ٽي ماڻھون سوار ھئا، اطلاع ڏيڻ وارن ماڻھن جو چوڻ ھو ته ھڪ ڪار کي ماڻھن سميت ٻڏنڏي ڏٺوسين، جن ۾ ٻه ٻار ۽ ھڪ نوجوان شامل ھئا.
ريسڪيو ٽيم ڪجھ دير کان پوء گاڏي کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، ريسڪيو1122 جي ٽيم فوري طور تي ريڪوري وھيڪل آپرشن شروع ڪري ڇڏيو، گاڏي کي ريڪوري وھيڪل جي مدد سان پاڻي مان ڪڍيو ويو ، گاڏي ۾ ريسڪيو ٽيم کي صرف ٻن ڄڻن جا لاش مليا جنھن ۾ ھڪ ٻار ۽ ان جو پيءُ شامل ھو، ٻنهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان ذوالقرنين ۽ سندس ٻن سالن جي پٽ محسن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي محسن سچل سرمست ٽائون جي يوسي 92 جو ڪائونسلر هو جيڪو حادثي وقت پنهنجي پٽ سان گڏ سفر ڪري رهيو هو. حادثي کان پوءِ واهه جي ڪناري تي موجود ماڻهن ڪار ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻي جي تيزي ۽ دروازن جي نه کلڻ سبب ٻئي ڄڻا ٻڏي ويا.