آءِ سي سي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ پاور پلي جا ضابطا تبديل ڪري ڇڏيا

دبئي :انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ پاور پلي قانون ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي.آءِ سي سي نئين قاعدي ۾ في اوور پاور پلي اوور ترتيب ڏنا آهن ۽ نئون پاور پلي قاعدو جولاءِ کان لاڳو ڪيو ويندو.نئين قانون موجب، 20 اوور کان گهٽ جي راندين ۾، پاور پلي اوور جي وچ ۾ شروع يا ختم ٿي سگهي ٿو. پاور پلي مڪمل 20 اوور جي اننگز ۾ 6 اوورز تي مشتمل هوندو. پاور پلي کي اننگز جي شيڊول اوورز جي 30 سيڪڙو جي ويجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. 8 اوور جي اننگز ۾، پاور پلي 2.2 اوور تي مشتمل هوندو، جڏهن ته 5 اوور جي اننگز ۾، پاور پلي 1.3 اوور تي مشتمل هوندو، جنهن دوران ٻه فيلڊر دائري کان ٻاهر رهندا. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي پاور پلي جي ضابطن ۾ تبديلين جي آخري منظوري ڏئي ڇڏي آهي.