پاڪستاني پاسپورٽ تي شهري 32 ملڪن ۾ ويزا فري سهولت حاصل ڪري سگهندا

اسلام آباد: پاڪستاني پاسپورٽ تي شهري 32 ملڪن ۾ ويزا جي فري سهوليت حاصل ڪري سگهندا. بينلي پاسپورٽ انڊيڪس طرفان  سال 2025 جي ريڪنگ جاري ڪئي وئي آهي انهي رينڪنگ ۾ پاڪستاني پاسپورٽ 13 درجا بهتري سان 11هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

آخرڪار پاڪستاني پاسپورٽ   لاڳيتو ترقي کان پوءِ ٽاپ 100 پاسپورٽس ۾ شامل ٿي ويو آهي، پاڪستاني پاسپورٽ تي هاڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويزا فري يا ويزا آن آرائيول سهولت موجود آهي جنهن سان عالمي سفر ڪافي آسان ٿي ويو آهي.

پاڪستاني پاسپورٽ تي شهري 32 ملڪن ۾ ويزا فري سهوليت حاصل ڪري سگهندا، ڊي جي پاسپورٽس پاسپورٽ رينڪنگ ۾ بهتري تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستاني پاسپورٽ ۾ جديد سيڪيورٽي فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن. ڊي جي پاسپورٽس چيو ته اي پاسپورٽس هولڊرز جي لاءِ جلد سمورن ايئرپورٽس تي اي گيٽس جي سهوليت موجود هوندي. پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ ايندڙن کي جديد سهولتن جي تحت وقت تي ڊيل ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته 2025ع جي فهرست ۾ سينگاپور جي پاسپورٽ کي دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي نمبر تي جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا، ٽئين نمبر تي يورپي ملڪن ڊينمارڪ، فرانس، فن لينڊ، جرمني، آئرلينڊ، اسپين ۽ اٽلي شامل آهن.