پاڪ فوج ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ڪورڪمانڊرڪراچي مقرر

راولپنڊي : پاڪ فوج ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون ، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ڪور ڪمانڊر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل محمد عبدالعزيز ڪور  ڪمانڊر لاهور ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد  وسيم اشرف ڪور ڪمانڊر ملتان مقرر ڪيو ويو آهي، ليفٽيننٽ جنرل خالد ضياء ڪور ڪمانڊر بهاولپور ۽ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ مقرر ڪيو ويو آهي، ليفٽيننٽ جنرل محمد علي کي  ڪمانڊر اَي ايس ايف سِي مقرر  ڪيو ويو آهي.