دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست جاري، ٻه پاڪستاني به شامل

لنڊن : برطانوي نشرياتي اداري (بي بي سي) طرفان دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻن پاڪستاني عورتن کي به شامل ڪيو ويو آهي.
بي بي سي طرفان هر سال دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست تيار ڪئي ويند ي آهي ۽ هاڻ هنن 2020ع جي 100 بااثر عورتن جي فهرست جاري ڪئي آهي.
بي بي سي ان فهرست کي 4 ڪيٽيگريز ۾ ورهايو اهي جنهن ۾ علم، قائداڻي صلاحيت، ڪريئيٽوٽي (تخليقي صلاحيت) ۽ آئڊينٽٽي (سڃاڻپ) شامل آهي.
دنيا جي 100 بااثر عورتن جي فهرست ۾ پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري سان واسطو رکندڙ اداڪارا ماهرا خان کي ڪريئيٽوٽي (تخليقي صلاحيت) جي ڪيٽري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
بااثر عورتن جي فهرست ۾ وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر کي ناليج (علم) جي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان کان سواءِ فهرست ۾ فن لينڊ جي وزيراعظم ثنا مرين سوڌو زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 100 عورتن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.