ڪابل: افغانستان ۾ طالبان جي حملي ۾ 3 اهلڪار مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغان صوبي نيمروز ۾ طالبان طرفان چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو ويو. حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي فوري طور تي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حملي جي فوري بعد سيڪيورٽي فورسز جو وڏو انگ موقعي تي پهچي ويو ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي.
طالبان طرفان حملي جي ذميواري قبول ڪئي وئي آهي. ٻه ڏينهن اڳ افغان گادي واري شهر ڪابل ۾ راڪيت حملن سبب 8 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 34 زخمي ٿي پيا هئا. افغان ميڊيا موجب راڪيٽ حملن ۾ ڪابل جي چهل ستون ۽ ارزان قيمت جي علائقن کي نشانو بنايو ويو هو.
ڪابل ۾ راڪيت حملن کان اڳ مختلف هنڌن تي 2 ڌماڪا به ٿيا جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو هو ۽ 3 زخمي ٿي پيا هئا. پاڪستان، ترڪي ۽ آمريڪا طرفان افغانستان ۾ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ طالبان جي حملي سبب 12 پوليس اهلڪار مارجي ويا هئا. افغان ميڊيا موجب طالبان بدخشان جي ضلعي جوروم ۾ حملو ڪيو هو.