اهو معجزو سمجهه ۾ نه آيو ته گلگت بلتستان ۾ ووٽ سڀ کان وڌيڪ پيپلز پارٽي کنيا سيٽون تحريڪ انصاف کڻي وئي:بلاول

اسڪردو: اهو معجزو سمجهه ۾ نه آيو ته گلگت بلتستان ۾ ووٽ سڀ کان وڌيڪ پيپلز پارٽي کنيا پر سيٽون تحريڪ انصاف کڻي وئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جو اليڪشن ليگ بڻيل آهي، جي بي اي 21 ۾ پولنگ باڪس چوري ٿيا، عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو، اسان کي سرڪاري نتيجن جو انتظار آهي، اسان جو احتجاج جاري رهندو.