”ففٽي ففٽي“ ۾ ماڻهن جي چپن تي مرڪون سجائيندڙ سينئر اداڪار ماجد جهانگير شديد بيمار

ڪراچي: ڊرامه سيريل ففٽي ففٽي سميت ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ناظرين کي پنهنجي بي ساخته اداڪاري ۽ کلڻ سان واسيندڙ اداڪار ماجد جهانگير ڪراچي ۾ پنهنجي ئي رهائش تي علاج هيٺ آهي.
ڪٽنب موجب ماجد جهانگير تي فالج جو حملو ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽرز هن کي مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي.
ماجد جي ڀاتين عوام کان ان جي صحتيابي لاءِ اپيل ڪئي آهي.