چين جون مستقبل جي آمريڪي صدر کي مبارڪون

بيجنگ : چين مستقبل جي آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ ايندڙ نائب صدر ڪمالا هيرس کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن.
چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان وانگ وين بين چيو آهي ته آمريڪي عوام جي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي، نئين چونڊيل صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪمالا هيرس کي مبارڪون پيش ڪيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته چين سمجهي ٿو آمريڪي چونڊن جو نتيجو آمريڪي قانونن ۽ طريقي ڪار موجب طئي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته 3 نومبر تي ٿيندڙ آمريڪي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن گهربل 270 اليڪٽورل ووٽن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏني هئي.