پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين جو ڪردار ادا ڪيو: اعجاز شاهه

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين جو ڪردار ادا ڪيو، ان هميشه دهشتگردي جي خاتمي ۾ مهڙ جو ڪردار ادا ڪيو.اسلام آباد ۾ اَي ايس پي آفيسرن جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي پهرين اوليت آهي.هن چيو ته اميد ڪريان ٿو ته پاس آئوٽ ٿيندڙ آفيسر عوامي ڀلائي لاءِ سموريون توانائيون ڪتب آڻيندا.هن چيو ته ڳوٺ جي ماڻهن ۽ پوليس جو پاڻ ۾ اڻ ٽٽ رشتو آهي،انڪري پوليس کي ٻهراڙي جي عوام سان گڏجي امن امان بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.