ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اڳرائي کان نه مڙيو، بنا جواز فائرنگ ۾ هڪ شهري شهيد ، 3 ڄڻا زخمي

راولپنڊي : ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اڳرائي کان نه مڙيو، ايل او سي جي رک چڪري ۽ خنجار سيڪٽرز تي بنا جواز فائرنگ ۾ هڪ شهري شهيد ۽ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ڳرن هٿيارن سان شهري آبادي کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج جي فائرنگ بعد ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون.