چين ۾ ڊرائيور کانسواءِ هلندڙ اسڪاءِ ٽرين جي آزمائش جو ڪامياب تجربو

بيجنگ : چين جي صوبي هوبي جي شهر ووهان ۾ ڊرائيور کانسواءِ هلندڙ اسڪاءِ ٽرين جي آزمائش جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو. چين ۾ مقامي انجنيئر مونو ريلگاڏي تيار ڪئي جنهن کي اسڪاءِ ٽرين جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. هوا ۾ لٽڪيل پٽڙين تي هلندڙ اسڪاءِ ٽرين 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ٽرين ۾ 510 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش موجود آهي، تجربي کي ڪامياب بڻائڻ ۽ سفر لاءِ گهٽ پيسن ۾ عوام کي سٺي سهولت فراهم ڪئي ويندي. ٽرين سروس جي آپريشن جي شروعات هلندڙ سال کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.