لاهورجي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اپوزيشن ليڊرشهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

لاهور : لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، شهباز شريف ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته آئون هڪ وڏي سياسي پارٽي جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر آهيان، بدنيتي تي داخل ريفرنس ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪريان ٿو، پنهنجي بيگناهي لاءِ سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪندس، عدالت شهباز شريف سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان فرد جرم تي قانوني جواب ڏيو ته ڪارروائي اڳتي وڌي سگهي.