ڊونلڊ ٽرمپ بچاءَ واري وزير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

واشنگٽن: صدارتي چونڊن ۾ شڪست کائيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ڪابينا ۾ شامل بچاءَ واري وزير مارڪ ايسپر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
موجوده آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مارڪ ايسپر کي عهدي تان هٽائڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته خدمتن لاءِ سندس ٿورائتا آهيون.
ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر سي ملر کي قائم مقام بچاءَ وارو وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي.