بلاول پرچيءَ تي سياست ۾ آيو، اهڙا ماڻهو صوبا ناهن ٺاهيندا: مراد سعيد

گلگت: وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پرچيءَ تي سياست ڪئي ۽ پرچيءَ تي صوبا ناهن ٺهندا، نواز شريف پڇي ٿو مونکي ڇو ڪڍيو، کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان کي چوري ۽ ڌاڙي تي ڪڍيو ويو. گلگت جي علائقي خپلو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته سڀ کان وڌيڪ غربت سنڌ ۾ آهي، ڪراچي گند جو ڍير بڻجي ويو آهي، ٿر ۾ بک سبب سڀ کان وڌيڪ ٻارڙن جون فوتگيون ٿين ٿيون، اهڙي ڪارڪردگي وارا گلگت ۾ ڇا ڪندا؟ هن چيو ته عمران خان گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اوهان کي سمورا آئيني حق حاصل هوندا، اسان فاٽا کي به ڪي پي ۾ ضم ڪري آئيني اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. مراد سعيد چيو ته بلاول کي اها به خبر ناهي ته بيضا درجن ۽ پٽاٽا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيندا آهن، هـُو پرچيءَ تي سياست ۾ آيو آهي ۽ پرچيءَ وارا صوبا ناهن بڻائيندا. وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته سي پيڪ ۾ سڀ کان پهريون حق گلگت بلتستان جو هو، تحريڪ انصاف ان لاءِ اڪنامڪ زون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي……….