ڪراچي:نارٿ ناظم آباد ۾ ٽئنڪر بئنڪ اندر ڪاهي پيو، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ واٽر ٽئنڪر خانگي بينڪ ۾ ڪاهي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

رپورٽ موجب نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ واٽر ٽينڪر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري هڪ خانگي بينڪ ۾ ڪاهي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ شخص کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته حادثي ۾ واٽر ٽينڪر جو ڊرائيور ۽ ڪلينر به زخمي ٿي پيو آهي.

واقعي واري هنڌ تي امدادي ڪم جاري آهي جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي.