ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا، وڌيڪ 20 زندگيون ڳڙڪائي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري آهن،ڪرونا وائرس وڌيڪ 20 حياتيون ڳڙڪائي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 502 نوان ڪيسز به سامهون اچي ويا.اين سي او سي موجب فوتين جو مجموعي انگ 6 هزار 943 ۽ متاثر جو تعداد 3 لک 41 هزار 753 ٿي ويو.رپورٽس مطابق گذريل ڏينهن 34 هزار 400 ٽيسٽون ڪيون ويون، ڪرونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 4 ڏهائي ٽي ڇهه سيڪڙو رهي.اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ فعال ڪيسز جو انگ 16 هزار 912 تي پهچي ويو،جڏهن ته 890 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.