ڊاڪٽر عامر لياقت ۽ سندس گهر واري طوبيٰ عامر ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي: ٽي وي ميزبان ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر عامر لياقت حسين ۽ سندس ٻئين گهر واري طوبيٰ عامر به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا.عامر لياقت حسين مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ۽ پنهنجي گهر واري جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي خبر ڏني ۽ چيو ته اسان ٻئي بدنام ڪورونا 19 جي حملي کان پوءِ ڪورونا وائرس جا متاثر آهيون. عامر لياقت ان ٽوئٽ ۾ ڪورونا وائرس جو علاج به ٻڌايو. هن قرآن شريف جي آيت شيئر ڪئي جيڪا بيماري ۽ صحت بابت آهي.عامر لياقت لکيو اهي ته مون کي ۽ منهنجي گهر واري کي ڪورونا ۾ مبتلا ٿئي اڄ ٻيون ڏينهن آهي پر مان گهريلو ٽوٽڪن سان هن مرض جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو اهيان. هن رڌڻي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه مصالحن جا نالا لکيا جن ۾ ادرڪ، ٿوم، ڪلونجي، ڪاريون مرچون، لونگ ۽ دارچيني شامل آهن. هن چيو ته هي سموريون شيون ڪورونا ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون آهن.ان سان گڏ عامر لياقت سمورن ماڻهن کي ان جي ۽ ان جي گهر واري جي صحت لاءِ دعائن جي اپيل ڪندي چيو اهي ته اسان کي اوهان جي دعائن جي ضرورت آهي.