راشده طيبا ۽ الهان عمر امريڪي ايوانِ نمائندگان جون ٻيهر ميمبر چونڊجي ويون

نيويارڪ : راشده طيبا ۽ الهان عمر امريڪي ايوانِ نمائندگان جون ٻيهر ميمبر چونڊجي ويون، راشده ۽ الهان عمر 2018ع ۾ پهريون ڀيرو عورت ميمبر چونڊجي نئين تاريخ قائم ڪئي هئي، صدر ٽرمپ ٻنهي ميمبرز کي لڳاتار تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو، امريڪا ۾ ٻن کدڙن فقيرن سينيٽ جون سيٽس کٽي نئين تاريخ لکي ڇڏي، رياست ڊَيلوَير ۾ ڊيموڪريٽ اُميدوار سارا ميڪ برڊ 86 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ڪامياب، ٽيلر اسمال به 40 سيڪڙو ووٽ کڻي سينيٽ جي سيٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.