جاويد اختر ڪنگنا رناوت خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

ممبئي: مشهور ڀارتي شاعر ۽ نغمه نگار جاويد اختر توهين جوڳا تبصرا ڪرڻ تي ڪنگنا رناوت جي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب جاويد اختر مقامي عدالت ۾ ڪنگنا رناوت جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنگنا رناوت هڪ ٽي وي انٽرويو جي دوران مون تي بي بنياد ۽ توهين جوڳا تبصرا ڪيا. جاويد اختر اندهيري ميٽرو پوليٽن ميجسٽريٽ جي سامهون اها شڪايت داخل ڪرائي جنهن ۾ هن ان جي بدنامي ڪرڻ جي لاءِ آءِ پي سي جي لاڳاپيل قلمن جي تحت اداڪاره جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.جاويد اختر جي طرفان داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته ڪنگنا رناوت سشانت سنگهه جي موت کان پوءِ ان جو نالو بالي ووڊ ۾ هڪ ڊرگر گروپ ۾ ورتو پيو وڃي ان ڪري ڪنگنا طرفان لڳايل ان بي بنياد تبصرن سبب ان جي ساک متاثر ٿي آهي.