آمريڪا ۾ هڪ هفتي ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ٻار ڪورونا وائرس جو شڪار

واشنگٽن : آمريڪا ۾ هڪ هفتي اندر 60 هزار کان وڌيڪ ٻار ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪن اڪيڊمي آف پيڊيٽرڪس اينڊ چلڊرين هاسپيٽل ايسوسيئيشن جي تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا ۾ هيل تائين 8 لک 50 هزار ٻار ڪورونا وائرس ۾ وٺجي چڪا آهن.
رپورٽ موجب رڳو هڪ هفتي 22 آڪٽوبر کان 29 آڪٽوبر تائين 61 هزار 447 ٻار ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا، جيڪو هڪ هفتي ۾ هيل تائين جو سڀ کان وڏو انگ آهي.
آمريڪا ۾ آڪٽوبر مهيني ۾ 2 لک ٻار ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيا، جيڪو آمريڪا ۾ ڪورونا جي ڪُل ڪيسن جو 11.1 سيڪڙو ٿئي ٿو.
آمريڪن اڪيڊمي آف پيڊيٽرڪس اينڊ چلڊرين هاسپيٽل ايسوسيئيشن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳ ۾ آمريڪا جي مجموعي آبادي ۾ هڪ لک ٻارن مان هڪ هزار 134 ٻار ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي رهيا هئا پر هاڻ ان شرح ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
رپورٽ موجب آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ مريضن مان ٻارن جو انگ 1 کان 3.5 سيڪڙو آهي، جڏهن ته فوتگين جي لحاظ سان ٻارن جي فوتگين جي شرح 0.2 سيڪڙو آهي.