هاڪي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان عبدالرشيد جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو

پشاور: قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ هاڪي ليجنڊ عبدالرشيد جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو. 

رپورٽ موجب  اڳوڻي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عبدالرشيد جي عمر 79 سال هئي ۽ هو گردن جي بيماري ۾ مبتلا هو. عبدالرشيد جونيئر اولمپڪ گيمز ۾ گولڊ، سلور، برونز ميڊل کٽيندڙ واحد ليجنڊ رانديگر هو. رشيد جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ قومي ٽيم جو مئنيجر به رهيو.

رشيد جونيئر ڪيترن ئي هفتن کان اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. جڏهن ته رشيد جونيئر جي بيماري جي دوران حڪومت طرفان ان جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي.

ان جي  جنازي جي نماز بنون ۾ ادا ڪئي ويندي. 1986۽ 1972ع ۾ اولمپين عبدالرشيد جونيئر سڀني کان وڌيڪ گول اسڪور ڪندڙ رانديگر ثابت ٿيو. هن رٽائرمينٽ جي وقت تائين پاڪستان جي سڀني کان وڌيڪ 96 گول ڪيا هئا.