وزيران ڇڇر ڪيس:5 جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم

سيوهڻ (رپورٽر) سيوهڻ جي عدالت وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ 5 جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران سجاول پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته 3 جوابدارن جي ڊي اين اي ٿي چڪي آهي، رهيل 5 جوابدارن ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو، عدالت سجاول پوليس کي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.