ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 14 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 14 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 6 هزار 849 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا جا ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 167 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي مريضن جو تعداد 3 لک 36 هزار 260 ٿي ويو. اين سي او سي جي پڌرائي موجب 24 ڪلاڪن دوران 3لک 15 هزار 446 مريض ڪرونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.رپورٽس مطابق ملڪ ۾ فعال ڪيسز 13 هزار 965 رهجي ويا، اين سي او سي موجب ڪرونا متاثر 728 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.