ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ملازمه پاران سي اي او مٿان جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام

ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ملازمه طرفان سي اي او مٿان جنسي ۽ ذهني طور هراسان ڪرڻ جو الزام، مهرين عزيز ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي خلاف محتسبِ اعليٰ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ملازمه موقف اختيار ڪيو آهي ته سي اي او مونس علوي ملازمت دوران جنسي ۽ ذهني طور هراسان ڪندو رهيو، آفيس ۾ به انتهائي غير مناسب ٻولي استعمال ڪندو آهي، نيپرا جي گڏجاڻي دوران به هڪ عورت مونس علوي مٿان بدتميزي جو الزام لڳايو هو.