مريم نواز چاچي شهباز شريف ۽ سئوٽ حمزه شهباز سان ملاقات لاءِ لاهور جي احتساب عدالت پهچي وئي

لاهور : مريم نواز چاچي شهباز شريف ۽ سئوٽ حمزه شهباز سان ملاقات لاءِ لاهور جي احتساب عدالت پهچي وئي، مريم نواز پنهنجي سئوٽ حمزه شهباز کي مِٺـِي ڏني ۽ پُٺـِي ٺَـپـِي، مريم نواز، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون، شهباز شريف طرفان لنڊن ۾ موجود ڀاءُ نواز شريف سان به فون تي رابطو ڪري ڪيسز بابت آگاهي، عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو آهي ته نـُون ۽ شِين ليگ جي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهن کي پيغام ملي ويو ته اسان متحد آهيون، شريف خاندان گڏ آهي ۽ رهندو، اهي ماڻهو ٽن ڏهاڪن کان اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ ايندڙ سال چونڊون ٿينديون، گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ به نواز ليگ ڪاميابي ماڻيندي، وزيراعظم منهن تي هٿ رکي چوي ٿو ته هاڻي نه ڇڏيندس، اهو سمورو انتظام نظر اچي رهيو آهي.