فرانس ۾ گستاخ خاڪن واري معاملي تي سعودي عرب جو رد عمل اچي ويو

رياض: فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت واري معاملي تي سعودي عرب جو رد عمل به سامهون اچي ويو.
سعودي عرب طرفان فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ صدر ايمانوئل ميڪرون جي اسلام مخالف بيان جي مذمت ڪئي وئي آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب دهشتگردي کي اسلام سان جوڙڻ واري هر طرح جي ڪوشش کي رد ڪري ٿو ۽ گستاخ خاڪن جي اشاعت جي سخت مذمت ڪيون ٿا.
سعودي پرڏيهي وزارت جو وڌيڪ چوڻ هو ته ذهني ۽ ثقافتي آزادي کي گڏيل احترام، برداشت ۽ امن جو علم بردار هئڻ گهرجي جيڪو هر ان عمل جي مخالف ڪندو جنهن سان نفرت، تشدد ۽ شدت پسندي جنم وٺندي آهي ۽ گڏيل بقا جي قدرن جي خلاف هجي.
سعودي عرب چيو ته هو طرح جي دهشتگرد جي مذمت ڪري ٿو ڀلي ان جي پٺيان ڪير به هجي.