اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پوليس آفيسر بلاول هائوس جي اشاري تي موڪل تي روانا ٿيا: فواد چوڌري

اسلام آباد : وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پوليس آفيسرز بلاول هائوس جي اشاري تي موڪل تي روانا ٿيا، ادارن کي گهٽ ڏيکارڻ واري ڪوشش ۽ سازش کي ناڪام بڻائڻو پوندو، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل چيو آهي ته پوليس جي ڪڏهن به توهين نه ٿي آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ اومني گروپ جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار کي پڪڙيو، تڏهن توهين نه ٿي، جڏهن عدالت سي پي او ڪراچي کي هٽايو، تڏهن به توهين نه سمجهي وئي……