ڪورونا جي ٻي لهر، فرانس جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪرفيو

;پئرس فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ڪورونا وائرس جي ٻر لهر کان بچڻ لاءِ پئرس، مارسي ۽ 7 ٻين شهرت ۾ رات جي ڪرفيو جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فرانسيسي حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان هيلٿ ايمرجنسي ٻيهر بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
فرانس ۾ اهو ڪرفيو ڇنڇر کان لاڳو ٿيندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 4 هفتن تائين برقرار رهندو، جنهن دوران رات نائين وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ماڻهو گهران نه نڪري سگهندا.
فرانسيسي اختيارين جو چوڻ آهي ته ضابطي جي ڀڃڪڙي تي 135 يورو ڏنڊ هوندو.