وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ هڪ سال اندر 3 هزار 419 ارب رپيا اضافو

ڪراچي : وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ هڪ سال اندر 3 هزار 419 ارب رپيا اضافو ٿيو آهي، اسٽيٽ بينڪ پاڪستان جي مجموعي قرضن جا عبوري انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب آگسٽ 2020ع تائين وفاقي حڪومت مٿان قرض وڌي 35 هزار 659 ارب رپيا ٿي ويا هئا، جڏهن ته آگسٽ 2019ع ۾ اهو قرض 32 هزار 240 ارب رپيا هو، مرڪزي بينڪ موجب هڪ سال جي عرصي دوران حڪومت جي قرض ۾ 3 هزار 319 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. پاڪستان مٿان مقامي قرض 24 هزار 100 ارب رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل سال آگسٽ ۾ اهو قرض 22014 ارب هو، بينڪ موجب هڪ سال جي عرصي دوران مقامي قرضن ۾ 2086 اربن جو اضافو ٿيو، جڏهن ته پاڪستان مٿان پرڏيهي قرض 11 هزار 559 ارب رپيا ٿي ويو آهي.