مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي جسماني رمانڊ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

لاهور : لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي جسماني رمانڊ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، نيب طرفان عدالت کي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي هئي، ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي گهرواري نصرت شهباز حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت درخواست تي جواب جمع ڪرڻ لاءِ نيب کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.