ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو امڪان: اسلام آباد جا ٻه اسڪول، ٻٽيهه هوٽلون ۽ ستيتاليهه دڪان سيل

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڪورونا پکڙجڻ جي امڪان سبب 3 سيڪٽرز جون مختلف گهٽيون سيل ڪيون ويون. ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 2 اسڪول، 32 هوٽلون ۽ 47 دڪانون سيل ڪيون ويون.رپورٽ موجب اسلام آباد جي ٽن سيڪٽرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو. سيڪٽر جي 4/10، گهٽي نمبر 38، 44، 45، 46، 47 ۽ 48 کي سيل ڪيو ويو. نوٽيس موجب سيڪٽر آءِ 2/8 جي گهٽي نمبر 25 ۽ 29 کي سيل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سيڪٽر جي 9/4 جي 85، 89 نمبر گهٽيون سيل ڪيون ويون آهن. ان علائقن ۾ ڪوروناٽيسٽ جي لاءِ نمونا حاصل ڪيا پيا وڃن.فوري طور تي لاڪ ڊائون سبب ڪورونا ڪيسن جي پکيڙ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. وفاقي گادي واري شهر ۾ ضلعي انتظاميه ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. سيڪٽر جي 11/9 ۽ جي/7 ٿري جا 2 اسڪولز سيل ڪيا ويا.ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفقت جو چوڻ آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ 32 هوٽلن کي سيل ڪيو ويو. ڀڃڪڙي ڪندڙ 47 دڪانون ۽ هڪ ورڪشاپ به سيل ڪئي وئي آهي. 17 شادي هالز کي وارننگ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مختلف ڪاروباري مرڪزن مٿان 78 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.