جوابدار ڌُر عدالتن ۾ پيش نه ٿي دير جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن:امِ رباب

ڪراچي: دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن ڀاتين جي قتل بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جوابدارن جو وڪيل پيش نه ٿيو، سردار چانڊيو سوڌو ۽ ٻين جوابدارن جي عدم پيشي سبب عدالت ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اُم رباب چيو آهي ته جوابدار ڌُر عدالتن ۾ پيش نه ٿي دير جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ انصاف ملڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين، عدليه مان انصاف جي اُميد آهي، اُمِ رباب جو چوڻ هو ته اکين ڏٺن شاهدن کي خاموش ڪرڻ لاءِ گاجي کهاوڙ جي اسڪول ۾ فائرنگ ڪئي وئي، ٻڌايو وڃي ته قتل ڪيس جا جوابدار ڪهڙي قانون تحت کان آزاد گهمي رهيا آهن.