پاڪستان جو روس مان ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) روس مان 1 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
وزير اعظم عمران خان جي ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾روس مان 1 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
اجلاس ۾ روس مان امپورٽ ڪڻڪ تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي ۽ روس مان ڪڻڪ گورنمنٽ ٽو گورنمنٽ سطح تي امپورٽ ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي ته ملڪ ۾ 50 لک ٽن ڪڻڪ سرڪاري ذخيرن ۾ موجود آهي، چار لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ خانگي شعبي جي ذريعي درآمد ڪئي وئي آهي، ڊسمبر 2020ع تائين وڌيڪ هڪ لک 10 هزار ٽن ڪڻڪ درآمد ڪري سگهجي ٿي.