آمريڪي ڊالر 19 پئسا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي : انٽربينڪ ٽريڊنگ دوران آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 19 پئسا واڌ ٿي.انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 19 پئسا وڌي 282.40 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 282.21 رپيا تي بند ٿي هئي.اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 284 رپيا 3 پئسا ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي طرف، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ هڪ ٻيو سنگ ميل پار ڪيو، 100 انڊيڪس 124,000 جي تاريخي بلندي تي پهچي ويو.