ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي کي سزا، عهدي تان هٽائڻ جو حڪم، 25 لک روپيه ڏنڊ لاڳو

ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي کي سزا ٻڌائي وئي، جنهن موجب کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ انهن سان گڏ ئي 25 لک روپيه ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب صوبائي محتسب اعليٰ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي کي سزا ٻڌائي ڇڏي. صوبائي محتسب اعليٰ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ انهي تي 25 لک روپيه ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ موجب سي اي او جي اليڪٽرڪ تي الزام ثابت ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته سي اي او ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف مهرين زهره شڪايت داخل ڪرائي هئي، صوبائي محتسب اعليٰ موجب سي اي او ڪي اليڪٽرڪ هڪ مهيني ۾ ڏنڊ جي رقم ادا ڪري. هن شڪايت ڪندڙ مهرين زهره کي حراسان ڪيو ۽ ذهني اذيت ڏني. مونس علوي جيڪڏهن ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪري ته سندس سموري ملڪ کي ضبط ڪيو وڃي. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪري ته سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ به بلاڪ ڪيو وڃي.

ياد رهي ته مونس علوي جي خلاف اڳوڻي چيف مارڪيٽنگ آفيسر مهرين زهره شڪايت داخل ڪرائي هئي، درخواستگذار موجب شڪايت ڪندڙ کي 2019ع ۾ ڪي الٽرڪ ڪنسلٽنسي جي لاءِ رکيو هو. مهرين زهره جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس(ر) شاهنواز طارق ڪئي.

K Electric CEO Monis Alvi punishedremoved from office