اڳوڻي صدر عارف علوي، علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي 50 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت اڳوڻي صدر عارف علوي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي 50 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

26 نومبر احتجاج جي سلسلي ۾ ٿاڻي ڪراچي ڪمپني ۾ داخل ڪيسز جي ٻڌڻي کان پوءِ پي ٽي آءِ جي 41 ڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ عدالت اڄ جاري ڪيا. جڏهن ته 9 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ اڳ ئي جاري ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح گڏيل طور تي 50 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿي ويا آهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻن جا وارنٽ ٿاڻي ڪراچي ڪمپني ۾ داخل ڪيس نمبر 1193 ۾ جاري ڪيا ويا، انهن جوابدارن ۾ عارف علوي، عبدالقيوم نيازي، شبلي فراز، فيصل جاويد، سلمان اڪرم راجا، رئوف حسن، مراد سعيد، احمد نيازي به شامل آهن.

ٻئي پاسي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير اعلي امين گنڊاپور، اسد قيصر، حماد اظهر، عاطف خان، شعيب شاهين، اعظم خان سواتي، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا، عليمه خانم، شيخ وقاص اڪرم، ڪنول شوزب، شاندانه گلزار، شير افضل مروت جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جوابدارن کي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، عدالت جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته راولپنڊي ڊويزن ۾ 24 ۽ 26 نومبر جا 32  ڪيس داخل ٿيل آهن، جنهن ۾ بشريٰ بي بي ٽيڪسلا ٿاڻي ۾ ڪانسٽيبل جي قتل ڪيس ۾ به نامزد آهي.

Arrest warrant issued for 50 PTI leaders including former president Arif Alvi