مالي سال 2025 جي آخري مالي پاليسي، اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي : مالي سال 2025 جي آخري مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.مالي ماهرن موجب، شرح سود برقرار رهڻ جو امڪان آهي، اسٽيٽ بينڪ جي پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو تي رهندي.اسٽيٽ بينڪ جون 2024 کان سود جي شرح ۾ گهٽتائي ڪري رهي آهي. جون 2024 کان وٺي، اٺن اجلاسن ۾ سود جي شرح ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف، ڪاروباري برادري مطالبو ڪيو آهي ته سود جي شرح کي سنگل ڊجيٽ تائين آندو وڃي.