بيجنگ ۾ ڇهه مهينن بعد آٽو شو، اڏامندڙ ڪار ميلو لٽي وئي

بيجنگ: جدت ۽ لگزري چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ گڏ ئي جمع ٿي ويا آهن، ڪورونا وبا جي ڇهه مهينن کانپوءِ بيجنگ آٽو شو ۾ چمڪندڙ گاڏين جا نوان ماڊالز متعارف ڪرايا ويا جڏهن ته اڏامندڙ ڪار سڀني جي ڌيان جو مرڪز رهي.
بيجنگ آٽو شو ۾ جتي مختلف ڪمپنين گاڏين جا نوان نوان ماڊلز متعارف ڪرايا اتي اڏامندڙ ڪار به نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي.