ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ تعليمي ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: سعيد غني

ڪراچي : صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسي ايشنز جي عهديدارن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾28 سيپٽمبر کان تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي ڪورونا ايس او پيز تي عمل جي هدايت ڪئي آهي، ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ تعليمي ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.