نيب پاران توشه خانه ريفرنس ۾ جاچ تيز، نواز شريف جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ڳولا شروع

اسلام آباد : نيب توشه خانه ريفرنس ۾ جاچ تيز ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ڳولا شروع ڪري ڪري ڇڏي، لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي خط لکي نواز شريف جي ملڪيتن، گاڏين ۽ بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت، نيب ايل ڊي اي سان گڏ ڊي سي لاهور، ايڪسائيز کاتي ۽ نجي بئنڪس کان به تفصيل طلب ڪري ورتا، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لاهور ۾ ساڍا 1500 ڪنال جي زمين، سندس استعمال ۾ آيل مرسڊيز، لينڊ ڪروزر ۽ ٻن ٽرئڪٽرز جو به رڪارڊ طلب، نجي بئنڪ کي به اڳوڻي وزيراعظم جي نالي تي کُليل اڪائونٽس جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.