ڪراچي: ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ صبح 8 وڳي کان وڌيڪ 24 ڪلاڪ سي اين جي اسٽيشنون بند رهنديون .
گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي جي ڪري گهريلو واهپيدار ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن .
سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان موجب اڄ کان وڌيڪ 24 ڪلاڪ سي اين جي اسٽيشنز بند رهنديون ، سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي 48 ڪلاڪن کان سي اين جي اسٽيشنز بند آهن .
سوئي گيس عملدارن جو چوڻ آهي ته مختلف گيس فيلڊز مان سسٽم ۾ ملندڙ گيس جي مقدار ۾ گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيا آهيون .گهٽ پريشر جي ڪري گهريلو ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
سي اين جي اسٽيشنز بند ٿيڻ جي ڪري رستن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ نهايت گهٽ آهي ، پرائيويٽ ايمبولينس سروس به بند آهي جنهن جي ڪري ايڌي ۽ ڇيپا تي لوڊ وڌي ويو آهي .