وائيس آف سنڌ ۽ نيشنل يوٿ اسيمبلي وچ ۾ ايم ايو يو سائن

ڪراچي: نيشنل يوٿ اسيمبلي جي ٽيم اڄ وائيس آف سنڌ جي آفيس جو دورو ڪيو ، ان موقعي تي ٻنهين ادارن وچ ۾ صحت مند سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو .

تفصيل موجب اڄ دانيال جيلاني جي اڳواڻي ۾ نيشنل يوٿ اسيمبلي (سنڌ چيپٽر) جي ٽيم وائيس آف سنڌ جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون سان ملاقات ڪئي.

ٻنهين ادارن وچ ۾ پاڪستانيت ۽ هاڪاري قدرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون ، وائيس آف سنڌ پاران ناجيا مير ۽ نيشنل يوٿ اسيمبلي پاران دانيال جيلاني مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون .

بعد ۾ وائيس آف سنڌ پاران پنهنجي شروعات کان اڄ تائين جي سرگرمين تي هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر عمير هارون جي خاص پيشڪش ، جناح تم درست هو جي اسڪريننگ ڪئي وئي .

ڏسندڙن پاران 14 آگسٽ جي حوالي سان تيار ڪيل ان خاص ڊرامي کي ساراهيو ويو ، نيشنل يوٿ اسيمبلي (سنڌ چيپٽر) ان دوري کي خوشگوار ۽ حوصلي مند قرار ڏنو  ان سان گڏ ئي پنهنجي هن وقت تائين جي سرگرمين تي به روشني وڌي.