اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير، صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا 28 سيپٽمبر تي کولڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو رد، اين سي او سي جي اجلاس بعد ڪي پي ۽ پنجاب سرڪار سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار ڇهين کان اٺين درجي تائين تعليمي ادارا سڀاڻي کان نه کولڻ واري فيصلي تي قائم آهي.