وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو ويو

ڪراچي : ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو ، اجلاس ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ، اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي، سيڪريٽري ايريگيشن جو چوڻ هو ته اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي، وڏي وزير چيو ته عوام جي تڪليفن جو احساس آهي، پاڻي نيڪال لاءِ قدم کنيا وڃن.